عالمي

گني ۾ بغاوت ڪندڙ فوجي سربراهه عبوري صدر طور قسم کڻي ورتو

گني ۾ هلندڙ مهيني جي شروع ۾ ڪامياب بغاوت جي نتيجي ۾ اقتدار تي قبضو ڪندڙ ممادي ڊومبويا وقتي صدر طور قسم کڻي ورتو آهي.

ان موقعي تي هن چيو ته هو نئين آئين جي تياري، ڪرپشن جي خاتمي، چونڊ سڌارن ۽ شفاف اليڪشن تي ڌيان ڏيندو ته جيئن ملڪ جمهوريت جي پٽڙي تي اڳتي وڌي سگهي.

هن 5 سيپٽمبر تي اڳوڻي صدر الفا ڪونڊي جو تّتو اونڌو ڪيو هو.

قسم کڻڻ واري تقريب گادي واري شهر ڪوناڪري ۾ محمد فور محل ۾ ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button