سنڌ

رتوديرو ۾ شاگردياڻين کي حراسان ڪندڙ اوباشن خلاف احتجاج

رتوديرو ۾ اسڪول ٽائيم تي نياڻين کي حراسان ڪندڙن خلاف ڪاروائي لا سماجي تنظيم پاران احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ڪمانڊو گلبھار جلباڻي، صدام ويسر، نثار بليدي، وڪي آرائين، جبار ويسر ۽ ٻين چيو ته اسڪول ويندڙ نياڻين سان اوباش نوجوانن جو آزار وڌي ويو آھي، اھڙيون شڪايتون مليون آھن ته نياڻين جا اسڪول ٽائيم تي وڊيو ٺاھي سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيا ويا آھن. رتوديرو پوليس ھڪ جوابدار جنسار لاشاري کي گرفتار ڪيو آھي پر مختلف ھنڌن تي اڃان به شڪايتون آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button