پاڪستانسنڌ

ڀنڀور تان قبضا خالي نه ٿيا، تاريخي ماڳ سونهن وڃائڻ لڳو

سنڌ جي تاريخي مقام ڀنڀور تان قبضا خالي نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري تاريخي ماڳ چئني پاسن کان سوڙھو ٿي ڪري پنهنجي تاريخي سونهن وڃائڻ لڳو، اختيارين تاريخي ماڳ کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا. ان حوالي سان ٺٽو جي سماجي اڳواڻن عادل شاهھ، آصف جوکيو، عمر ناهيو، نظام جوکيو، علي مصطفيٰ پنهور، مشتاق ڀنڀرو، عمران ميمڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جو وجود ضياالحق جي دور ۾ رکيو ويو، تڏھن ڀنڀور جي زمين جي ايراضي 640 ايڪڙ ھئي، پر پو ان تي قبضا ٿيندا ويا، لينڊ مافيا طرفان روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري تاريخي ماڳ جي زمين جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ان تي قبضو وڌايو ويو آهي، حيرت جي ڳالهھ اها آهي ته ھن وقت تاريخي جي بچيل ايراضي جنهن جا ثبوت ميوزيم اندر موجود آھن، پر ان تي پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ هتان جي بااثر چونڊيل نمائندن جعلي ڪاغذ ٺهرائي قبضا ڪيا آھن، سڄي سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه تي به حيران آهن ته هڪ پلاننگ تحت اهم تاريخي ماڳ جا ڪوڙا ڪاغذ به ٺھن ٿا ۽ قبضا برقرار آهن. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته گهارو ڪريڪ کان کارو پاڻي سم جي صورت ۾ آثار قديمه کي نقصان پهچائي رهيو آهي، پر قديمي آثارن کي بچائڻ لاءِ ڪابه ٺوس پلاننگ نه ڪئي وئي آهي، ماهر هر سال سنڌ جي تاريخي ماڳ جي کوٽائي ڪن ٿا پر افسوس جو قبضن جو سلسلو جاري آهي، تنهن ڪري هنن تحفظ ڏيڻ لاءِ چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻ تاريخي ماڳ ڀنڀور جو وزٽ ڪري يا ٿيل قبضي تي پنهنجي نگراني هيٺ هڪ ڪميٽي جوڙي تفصيل گڏ ڪري لينڊ مافيا خلاف قانوني ايڪشن کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button