پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 7 مريض فوت، 756 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 7 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو انگ 7414 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 16243 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 756 نوان ڪيس سامهون آيا.

اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو تعداد 7414 تائين پهچي ويو آهي، جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته 16243 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 756 ڪيسن جو پتو پيو، جيڪا 4 ڏهائي 7 سيڪڙو موجوده تشخصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6039772 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 457862 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي، انهن مان 93 ڏهائي 7 سيڪڙو يعني 428877 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 216 پڻ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button