پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، مبينا ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، ڪيس داخل. خبر موجب سخي پير پوليس موجب ته چيڪنگ دوران ستار شاهه قبرستان وٽ موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ڄڻن کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ پوليس ٻن جوابدارن قاسم پٺاڻ ۽ خادم حسين کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن ۾ قاسم پٺاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، زخمي کي حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار واردات جي نيت سان گهمي رهيا هئا، سندن خلاف هٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button