پاڪستانسنڌ

گولاڙچي ڀرسان پل نه هئڻ ڪري شاگرد ٿنڀي تان گذرڻ تي مجبور

گولاڙچي تعلقي جو رول ماڊل گورنمنٽ ھا اسڪول حاجي جوڻيجو ۾ 750 شاگرد تعليم پرائي رهيا آھن، جڏھن ته اسڪول ۽ ڳوٺ وچ ۾ پل نه هئڻ ڪري ھڪ سئو کان وڌيڪ شاگرد تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن توڙي والدين علي اڪبر ملاح، وڪيو ملاح، اسلم سمون، عبدالله سراز ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول جي تعليم بھترين آھي، پر پل نه ھجڻ ڪري ٻارڙا روزانو بجلي جي رکيل ٿنڀي تان ڪراس ڪري تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، بجلي جي ٿنڀي تان ڪيترائي ٻارڙا امام واهه جاگير ۾ ڪري زخمي ٿيا آهن، جنهن ڪري ٻارن جا درسي ڪتاب پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ پڻ معمول بڻجي ويو آهي، اسڪول ۾ تعليم بهتر هئڻ ڪري 8 ڪلوميٽر پري کان ٻار هتي پڙهن لا اچن ٿا. ٻئي طرف استادن منور علي ميمڻ، محبوب علي رند، نظر محمد ٺاراڻي، بي بي مڪل شاهھ ٻڌايو ته ٻارن جي اچڻ ۽ وڃڻ وقت اسڪول جو اسٽاف اتي موجود ھوندو آھي، جيڪي پاڻي ۾ ڪرندڙ ٻارن کي فوري طور تي پاڻي مان ٻڏڻ کان بچائين ٿا، اسان وسوارن کي لکيو آهي ته اسڪول ايندڙ ٻارڙن جي جانين کي خطرو آهي، ان لا ھنگامي بنيادن تي پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي. جڏهن ته اسڪول ۾ 31 استادن جي جا تي 14 استاد پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيا آهن. ٻئي طرف تعليم دوست اقبال جوڻيجو ٻڌايو ته اسان پنهنجي وس آهر ٻارڙن کي حفاظت سان اسڪول جي اچڻ توڙي وڃڻ جي وقت تي سندن سنڀال ڪريو ٿا، پل نه ھجڻ ڪري شاگردن جي زندگين کي خطرو ضرور آهي. ڳوٺاڻن وسوارن کي اپيل ڪندي چيو ته ڪنھن اڻوڻندڙ واقعي کان پھرين اسڪول جي ڀرسان پل تعمير ڪرائي ڏني وڃي. هوڏانهن پل نه هئڻ جون خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو نوٽيس وٺندي چيو ته اسڪول جي ٻارن لا جلد پل جو ڪم شروع ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button