سنڌ

نئين ديري مان ٻار گم ٿي ويو

نئون ديرو جي مهدي شاهه محلي واسي اصغر سومري جو 10 ورهين جو پٽ سفير سومرو ٽن ڏينهن کان گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا باوجود ڪٿان ڏس پتو نه پئجي سگهيو. ان ڏس ۾ نينگر جي پڦاٽ عبدالجبار سومرو ٻڌايو ته سفير گونگو آهي ۽ 3 ڏينهن اڳ گهران چاچي کي هوٽل تي ماني ڏيڻ لاءِ ويو هو، جتان واپس گهر نه موٽيو ۽ گم ٿي ويو آهي. سفير جي گمشدگي بابت پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ۽ مختلف هنڌن تي ڳولا به ڪئي آهي پر ڪٿان ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو. هن مطالبو ڪيو ته گم ٿيل سفير سومرو جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button