پاڪستانپنجاب

ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي کي ڪرڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ جي سربراهه حافظ سعد رضوي جي نظر بندي کي ٻيهر ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ سعد رضوي جي چاچي امير حسين جي درخواست تي شنوائي ڪئي. درخواست ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، چيف سيڪريٽري، هوم سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب پوليس، ڊي سي لاهور ۽ سي سي پي او کي ڌر بڻايو ويو، اسپيشل هوم سيڪريٽري عدالت جي آڏو پيش ٿيو.عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button