
پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي مهانگائي، بيروزگاري، پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙي خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ ناتجربيڪار حڪمرانن جو متحمل نٿو ٿي سگهي. ملڪ ۾ پيٽروليم جي قيمتن ۾ واڌ معاشي دهشتگردي آهي. هن چيو ته حڪومت هر 15 هين ڏينهن پيٽرول جون قيمتون وڌائي رهي آهي ۽ وفاقي وزير معيشت بهتر هجڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ سرڪار آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي هلي رهي آهي ۽ حڪومت ڊالر 175 کان 180 روپين تائين آڻڻ لاءِ آءِ ايم ايف جو شرط تسليم ڪري چڪي آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ روپئي جو قدر برقرار رکڻ ۽ ڊالر جي اڏام کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت چيو هو ته ايف بي آءِ جي اوڳاڙي بهتر آهي جيڪڏهن بهتر هجي ته پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ڇو ڪئي وئي. هن چيو ته عمران خان سان جيڪو ملاقات ڪندو آهي اهو کيس ناتجربيڪار چوندو آهي جيئن جلال محمود شاهه ملاقات ڪري چيو هو.