عالمي

ڀارت لداخ ۾ قبضي جي ڪوشش کان پاسو ڪري: چين

بيجنگ: چين ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته لداخ ۾ سندس علائقن تي قبضي جي ڪوشش کان پاسو ڪري نه ته ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا. عالمي خابرو اداري موجب چين ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته لداخ جي سرحد تي وڌيڪ نفري جي مقرري ۽ چيني علائقن تي قبضي جي ڪوشش کان مڙي وڃي ٻي صورت ۾ ڪارروائي جو حق محفوظ رکون ٿا. چيني پرڏيهي وزارت الزام مڙهيو ته ڀارت غيرقانوني طور تي لائن آف ايڪچوئل ڪنٽرول ڪراس ڪندي اسان جي علائقي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو امن معاهدن جي ڀڃڪڙي آهي. هوڏانهن ڀارت اهڙي الزامن کي رد ڪندي چيو ته چين سرحدن تي وڏي نفري مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿي آهي، جيڪڏهن چين تڪرار ۾ گهٽتائي چاهي ٿو ته پنهنجي فورسز جي انگ کي مختصر ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button