سنڌ

ٻين تي الزام هڻڻ عمران نيازي جي عادت بڻجي وئي آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻين تي الزام هڻڻ عمران نيازي جي عادت بڻجي وئي آهي، عمران نيازي کي توشا خانه تي ڌاڙي جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي الزام لڳائڻ بدران عمران نيازي اهو ٻڌائي ته هن توشاخانا مان کنيل قيمتي تحفا ڪهڙي قانون تحت پرڏيهه ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا، ٻين تي الزام هڻي عمران نيازي ۽ سندس ٽبر بچي نٿو سگهي. شرجيل ميمڻ چيو ته هڪ طرف قومي قيادت سعودي عرب سان ملڪ جي ترقي ۽ معيشت تي ڪامياب ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف انتشار خان ملڪ ۾ فتنو پکيڙڻ ۽ الزام لڳائڻ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته فتنو خان 2014 ع کان ملڪ جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي، جيڪڏهن ان وقت کيس حدن ۾ رکيو وڃي ها ته ملڪ جون حالتون اهڙيون نه هجن ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button