سنڌ

ڪوٽڏيجي ويجهو تيز رفتار مزدا نوجوان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ محمد لائق راڄپر سامھون اولڊ نيشنل ھا وي تي سئي گئس ڪمپني جي تيز رفتار مزدا ڊاٽسن موٽرسائيڪل سوار کي بچائيندي پيادل ويندڙ نوجوان مٿان چڙھي وئي، جنھن جي نتيجي۾ گھوٽڪي جو رھواسي نوجوان محمد عالم پٽ محمد پنھل بلو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي پوليس پھچي گاڏي جي ڊرائيور الھرکيو کوکر کي گاڏي سميت حراست ۾ ورتو، فوتي نوجوان جو مڙھه پوسٽ مارٽم لاءِ ڪوٽڏيجي اسپتال پهچايو، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، ڪنب پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جھنڊا شاخ تي مائٽن وٽ گھمڻ آيو ھو، جيڪو حادثي جو شڪار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button