سنڌ

ڪوٽڙي ۾ پيئڻ پاڻي جي کوٽ خلاف عورتن جو احتجاج

ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف ڄامشورو سجاڳ فورم پاران عورتن دلا ۽ مٽ کڻي احتجاج ڪيو. ڪوٽڙي جي ڀٽائي ڪالوني، مسڪين ڪالوني، غريب آباد ڪالوني، سچل سرمت ڪالوني، خدا جي بستي، مسلم ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي کوٽ خلاف سماجي تنظيم جي عورتن قرت العين اقبال جي اڳواڻي ۾ دلا ۽ مٽڪا کڻي ڊي سي ڄامشورو آفيس آڏو انوکو احتجاج ڪري شڪايتي درخواستون جمع ڪرايون. هنن دانهيندي چيو ته سائيٽ ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آھي، ماڻهو وڏي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھن. هنن چيو ته پاڻي نه هئڻ ڪري وڏي عذاب ۾ آھيون، واهه جي ڪنڌي تي هئڻ باوجود اڃ وگهي مري رهيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button