سنڌ

ڄامشوري ۾پيئڻ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڄامشورو ۾ پيئڻ پاڻي جي شديد بحران خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن مبين تيوڻو، يونس اوٺو، امجد مستوئي، اين بي کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڄامشوري ۾ گذريل 10 ڏينھن کان پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آهي، آبپاشي انتظاميا ڪي بي فيڊر ڪراچي واهه جي ڪپ تي قائم ڪيل هائيڊريڊ پمپنگ مشينون به بند ڪري ڇڏيون آهن، پاڻي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪرڻ سبب شھري سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن، ٽينڪر مافيا وارا پاڻي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته 800 روپين وارو واٽر ٽينڪر هاڻي 3000 روپيا في ٽينڪر ملڻ لڳو آھي، ايترو مھانگو پاڻي مسڪين پورھيت مزدورن جي پھچ کان پري ٿي ويو آھي. اختياريون نوٽيس وٺي فوري طور تي پيئڻ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائي پاڻي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ٽينڪر مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button