سنڌ

نئون ديرو ۾ بجلي بند ڪرڻ تي سيپڪو خلاف احتجاجي مظاهرو

نئون ديرو ۾ عيدگاهه سامهون غريب آباد پاڙي جي رهواسين سيپڪو عملي خلاف شهيد راڻي بينظير پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد علي ميمڻ، سرفراز پنهور، برڪت علي ڀٽو، سجاد علي ناريجو، عبدالستار ڪوري، صدرالدين کهڙو، نجم الدين ڀثو، حافظ علي دوست ناريجو، عزيز الله چهواڻ، غلام شبير چهواڻ، سرور دايو، اصغر دايو ۽ ٻين چيو ته بل جمع هجڻ باوجود سيپڪو ايس ڊي او سجاد ميمڻ اسان جي ٽرانسفارمر جون لنڪون لاهي ويو آهي ۽ بجلي هلائڻ جا 60 کان 80 هزار رشوت گهري رهيو آهي. هنن سيپڪو چيف کي اپيل ڪئي ته بجلي فوري طور بحال ڪري سيپڪو عملي جي ناجائزي جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button