سنڌ

ڪوهستان واسي جديد دور ۾سهولتن کان محروم آهن:ملڪ چنگيز خان

ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ملڪ چنگيز خان ڪوهستان جي علائقي اپر مول جي مختلف ڳوٺن ۾ تعزيتون ڪيون ۽ خيرمحمد شھڻو پاران کيس آجياڻو ڏنو ويو. ان موقعي تي ملڪ چنگيز خان ڳالهائيندي چيو ته ڪوهستان واسي جديد دور ۾ تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، روڊ رستن سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ڪوهستان ۾ سوين اسڪول بند آهن،ڪوهستان واسي صحت جي سهولتن کان محروم آهن. ٿاڻو بولا خان جي واحد تعلقي اسپتال به عوام لا بي لاڀ بڻيل آهي. ڪوهستان تي 40 سالن کان حڪمراني ڪندڙ چونڊيل نمائندن عوام کي ڪوڙا آسرا ڏنا آهن. هن چيو ته اسان 2002 کان وٺي هن غلامي واري نظام خلاف جدوجهد ڪري رهيا آھيون ۽ هاڻي ڪوهستان جو عوام پنهنجا حق گهري رهيو آهي، اهو اسان جي جدوجهد جو اثر آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button