سنڌ

عزيز ميمڻ جا قاتل پڪڙڻ لا انعام جي سفارش ڪئي آهي: عرفان بلوچ

ڊي آ جي شھيد بينظير آباد عرفان بلوچ چيو آهي ته محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ قتل ڪيس جي ماسٽر مائينڊ جوابدارن مشتاق سھتو ۽ افشاد سھتو جي گرفتاري لاءِ پوليس ڀرپور ڪوششون وٺي رھي آھي. ٻنھي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گھرو کاتي کي 25، 25 لک رپيا انعام مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ چانھه پارٽي جي موقعي تي خطاب ڪندي ھن چيو ته ميڊيا پوليس جي ڪوتاھين سان گڏوگڏ پوليس جي ڪارڪردگي کي به اجاگر ڪري، جيئن پوليس جي جوانن جي حوصلا افزائي ٿي سگھي.

پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر قاضي ذوالفقار چيو ته شھيد عزيز ميمڻ جي قتل جا ماسٽر مائينڊ گرفتار ڪيا وڃن،

ان موقعي تي ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي، ڊي ايس پي نوشهروفيروز اعجاز ميمڻ پڻ موجود ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button