سنڌ

رتوديرو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

رتوديرو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شاهه لطيف ڪالوني جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احسان علي ڪلر، عارف علي، اطھر علي، جواد احمد، گل حسن ڀٽو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڪالوني جو مين روڊ ڪافي عرصي کان ٽٽل آھي ڊرينيج جو نظام بھتر نه ھجڻ سبب گندي پاڻي جو بيھڻ معمول بڻيل آهي. ھنن چيو ته برسات سبب ويتر عذاب ۾ اچي ويا آهيون. ميونسپل انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪيون پر ڪو تدارڪ نه ٿيو آھي مجبور ٿي پنھنجي مدد پاڻ تحت گندو پاڻي نيڪال ڪري رھيا آھيون. ھنن پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته تڪ جي عوام جي سار سنڀال لھي کين پھچندڙ تڪليفن جو ازالو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button