سنڌ

قبوسعيد خان ۾ جيالن جو نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

قبو سعيد خان ۾ پيپلزپارٽي جيالن نوڪرين ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ پنھنجا نوازي خلاف ٽئين ڏينهن به شهيد راڻي چوڪ تي حسين بخش کوسو ۽ علي گل کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي حسين بخش کوسو، حيدر مگسي، علي گل کوسو، محمد اسحاق مگسي، سومر علي سنديلو چيو ته اسان پ پ جا سينيئر ورڪر آهيون، 15 سالن کان وٺي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو پيو وڃي. عهديدار پنهنجا نوازي ڪري پنهنجي مائٽن ۽ نوڪرين کي آرڊر ڏيئي رهيا آهن. هنن پيپلزپارٽي قيادت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پارٽي ورڪرن سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button