سنڌ

دوداپور ويجهو ملغاڻي-چاچڙ تڪرار جو نبيرو، 30 لک ڏنڊ

دوداپور ويجهو ملغاڻي-چاچڙ تڪرار جي ڪجهه ڌرين جو بلوچستان ۾ جرڳو ڪوٺائي نبيرو ڪيو ويو. 2 سال اڳ زمين مالڪي تان گلاب خان ملغاڻي ۽ بلوچ خان چاچڙ ڌرين ۾ تڪرار ٿيو هو جنهن دوران حملن ۾ ڌرين جا پنج ڄڻا قتل ٿي ويا هئا، جنهن مان چاچڙ برادري جي طارق علي چاچڙ ۽ ابراھيم چاچڙ جي ڌر ۽ گلاب ملغاڻي ۽ حاجي خان ملغاڻي ڌر جو نبيرو بلوچستان جي اوستا محمد علائقي ڳوٺ محب علي عمراڻي ۾ مير محمد زمان عمراڻي جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو. ڌرين مٿان مجموعي طور 30 لک روپيا ڏنڊ رکيو ويو، جنهن ۾ چاچڙ برادري جي طارق خان چاچڙ مٿان پنهجي برادري جي اندروني مدد ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 20 لک ڏنڊ رکيو ويو، جڏهن ته علي جان ۽ حاجي ملغاڻي ڌر تي چاچڙ برادري جي ڳوٺن مٿان فائرنگ جو 10 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ اهو طئي ڪيو ويو ته طارق خان چاچڙ ڌر بلوچ خان ۽ شادي خان چاچڙ واري ڌر جي ڪو مدد نه ڪندا، ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button