سنڌ

مهراڻ يونيورسٽي ۽ چين جي هينگ زو جنجيانگ سروسز ۾ معاهدو

مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ۽

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي ڄامشورو ۽ چين جي نجي گروپ هينگ زو جنجيانگ سينٽيشن سروسز وچ ۾ هڪ معاهدو وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ ۾ ٿي گذريو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ۽ هينگ زو جنجيانگ گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو پينگ زينزهيانگ معاهدي تي صحيحون ڪيون. ڄاڻايل معاهدي تحت مهراڻيونيورسٽي جي گريجوئيٽس کي ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل اشوز تي تحقيق ڪرائڻ شامل هوندو. ڄاڻايل گروپ پاران يونيورسٽيءَ جي شاگردن توڙي ماهرن کي تحقيق بابت جديد سهولتون فراهم ڪرڻ شامل هوندو. وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي چيني گروپ جي وفد کي چيو ته مهراڻ يونيورسٽي ويسٽ مئنيجمينٽ ۽ ماحوليات بابت اهم تحقيقي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ انڊسٽري شعبن سان پڻ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم هلي رهيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button