سنڌ

عمران خان ادارن تي آپگهاتي حملا ڪري رهيو آهي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ عمران خان نيازيءَ جي تقريرن تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آھي تھ عمران نيازي ملڪ ۾ خانھ جنگي ۽ انتشار واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاھي ٿو. ھن وڌيڪ چيو تھ قومي سلامتي جي ادارن. عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن تي عمران خان جا حملا قابل مذمت آھن. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ عمران نيازي جي حڪومتي دور ۾ سمورا ادارا غير مستحڪم ٿيا ۽ ھاڻ ادارن جو استحڪام ۽ معيشت جي مضبوطي عمل ۾ اچي رھي آھي تھ عمران کي تمام گھڻي تڪليف پھچي رھي آھي. وڏي وزير چيو تھ اسان جي سيڪيورٽي ادارن ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ سيڪيورٽي ادارن خلاف عمران جي گٿا لفظ ڳالھائڻ سندس سياسي پسماندگي جو ثبوت آھي. وڏي وزير چيو تھ عمران خان کان اقتدار آئيني ريت ورتو ويو، جيڪو ان جي سمجھھ ۾ نھ پيو اچي. ھن وڌيڪ چيو تھ اقتدار وڃائڻ کانپوءِ عمران نيازي جي اعصاب، عقل ۽ شعور تي ايترو اثر ٿيو آهي تھ سندس ذھني توازن پڻ متاثر ٿي ويو آھي. سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سياست ۾ سياسي اختلافن کي ڪڏھن بھ ذاتي دشمنين ۾ تبديل ناھي ڪيو ويندو. ھن ويڪ چيو تھ سياسي شڪست جو بدلو سياسي ميدان ۾ ورتو ويندو آھي، عمران خان جا ادارن تي سياسي آپگھاتي حملا کيس سياسي طور تي مفلوج ڪري ڇڏيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button