
سنڌڙي: سنڌڙي سب ڊويزن جي شاخن دوسو، کيراھو، سيفل ۽ ٻين شاخن جي آبادگارن شير محمد مڱريو، رجب ڪانھيون، شاھنواز ڪانھيون، امين ڪنڀار، اصغر ميڻو، حسيب ڪانھيون ۽ ٻين سنڌڙي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مٺڙائو ڪئنال جي سنڌڙي سب ڊويزن ۾ اضافي روٽيشن ڪئي پئي وڃي، جيڪا ختم ڪئي وڃي. هنن ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي ٽيم تي مريد شاخ ڊگھڙي مٿان ٿيل حملي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.