پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ واٽر سپلائي جي لائين ٽوڙڻ خلاف رهواسين جو مظاهرو

نفيس نگر: نفيس نگر ۾ واٽر سپلائي جي پائيپ لائن ٽوڙي اڇلائڻ خلاف نواز ٽنگڙي، عبدالحڪيم آٿيلو، محمد موسيٰ ٽنگڙي ۽ نديم گشڪوري جي اڳواڻي ۾ رهواسين شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته 8 سالن کان بند پيل واٽر سپلائي جو ڪم شروع ٿيو آهي ته بااثر چوڌري آصف پائيٽ لائين ٽوڙي اڇلائي ڇڏي آهي، چوڌري آصف نفيس نگر واسين کي پاڻي مهيا ڪرڻ لا ٺهندڙ واٽر سپلائي لائين جي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي. هنن ايم اين اي مير منور ٽالپر ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button