سنڌ

ڏهرڪي ڀرسان پراڻي تڪرار تان جهيڙو،نوجوان قتل،لاش رکي ڌرڻو

ڏهرڪي ويجهو کينجهو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب نوجوان شاهد لاشاري سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي وارثن علاج لاءِ ڏھرڪي جي اسپتال آندو، جتان کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپو وارثن نوجوان جو لاش ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو رکي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن سلطان لاشاري، غلام محمد لاشاري، رشيد لاشاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھه مهينا اڳ غفار شر، رياض شر، ممتاز شر وارن اسان جي شادي شادہ عورت زينت ۽ سندس 7 سالن جي ڌي عاليه کي زبردستي اغوا ڪيو، جنهن کانپو ڄاڻايل جوابدارن مٿان کينجهو ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن جي ڌر بڻجي جوابدارن کي تحفظ ڏئي رهي آهي، ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي جوابدارن اسان جي نوجوان شاهد لاشاري جي رستا روڪ ڪري مٿس لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري مرڻينگ ڪيو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي سکر اسپتال ويندي رستي ۾ فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button