عالمي

ڀارت ۾ اوچتو بجلي بند ٿيڻ سبب ڪنوار غلط گهوٽ سان پرڻجي وئي

ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ڳوٺ اسلانا ۾ ٻن ڪنوارن جي شادي جو ڪاڄ جاري هو تھ اوچتو بجلي بند ٿي وئي، جنهن دوران اوندهه سبب هڪ ڪنوار جي شادي غلط گهوٽ سان ٿي وئي، جيڪا رسمون ڪرائيندڙ مذهبي مهندار جي غلطي سبب ٿي آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ ڳوٺ ۾ هڪ ئي وقت ٻن ڪنوارن جي شادي جو ڪاڄ هلي رهيو هو تھ شادي جي رسمن جي شروع ئي بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو. غلط ماڻهو سان پرڻجي ويل ڪنوار جي والد جو چوڻ آهي تھ ٻنهي ڪنوارن کي هڪجهڙا ڳاڙها وڳا پاتل هئا، جنهن سبب هڪ ڪنوار جي شادي سندس اصل گهوٽ بدران ٻئي ماڻهو سان ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button