سنڌ

پٽ ملڪيت مان ورتل حصو کپائي هاڻي ڌمڪائي پيو:لاڙڪاڻو واسي

لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ شيخ زيد ڪالوني واسي فالج جي بيماري ۾ مبتلا پيرسن حسين علي واهوچو گهرواري نصيبان، پٽ نياز ۽ ممتاز واهوچو سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي روئيندي ٻڌايو ته مان پنهنجي ٻئي نمبر پٽ سڪندر علي واهوچو کي اڳ ۾ ملڪيت مان حصو ڏئي ڇڏيو پر هن غلط صبحت ۾ اچي ملڪيت کپائي ڇڏي ۽ هاڻي ڌمڪائي پيو ته هڪ ڪروڙ روپيا ڏيو، ٻي صورت ۾ نقصان پهچائيندس. هن ٻڌايو ته پٽ مون کان ٽي خالي چيڪ وٺي چيو ته هو گاڏي خريد ڪندو پر هن گاڏي نه ورتي،خالي چيڪن مان هڪ چيڪ ۾ 96 لک ۽ ٻي چيڪ ۾ 4 لک ڀري بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ چاهيا، پر کڙڪ پوڻ تي اسان بئنڪ کي آگاهي ڏئي ڇڏي. هن چيو ته منهنجا پٽ ممتاز، نياز، صفدر ۽ پوٽي سرفراز واهوچو مٿان پنهنجي سالي مجيب الله خاصخيلي ۽ گهرواري مهرالنساءَ سان گڏجي اغوا جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button