سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف جو في وڌائڻ خلاف استادن جو احتجاج

پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقو لاڙڪاڻي پاران غير قانوني طور استاد کان 120 بدران 200 روپيا فيس وٺڻ ۽ وڏي عرصي کان جنرل باڊي نه ڪرائڻ خلاف لاڙڪاڻي جي استادن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي غلام سانگي، افسر قريشي، ضمير گاد، عبدالڪريم ميمڻ، محمد شريف عمراڻي ۽ ٻين چيو ته پ ٽ الف جو غير آئيني چندو وصول ڪرڻ استادن سان ظلم آهي، جڏهن ته اهڙا فيصلا مرڪز طئي ڪندي آهي، جنهن تي پوري سنڌ عمل ڪندي آهي. 20 سالن کان جنرل باڊي نه ڪرائڻ سان چونڊيل عهديدار آئيني طور نااهل ٿيندا آهن، اسان پ ٽ الف کان مطالبو ٿا ڪريو ته پنهنجو غلط فيصلو واپس وٺي استادن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button