سنڌ

لاڙڪاڻي ۾پراڻُو پاڪستان پارٽي ڪارڪنن جو وفاق خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پراڻو پاڪستان پارٽي جي ڪارڪنن وفاقي حڪومت جي پاليسن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوز ان موقعي تي سجاد سومرو، گل نظر چانڊيو، فتح شاهه راشدي ۽ ٻين چيو ته عمران خان جا اليڪشن کان اڳ ڪيل واعدا ڪوڙا نڪتا، نئين پاڪستان جي روپ ۾ هر روز بدامني، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي رهي آهي، معصوم ٻارن ۽ عورتن جي اغوا ۽ جنسي زيادتين جا واقعا وڌي رهيا آهن، تعليم ۽ ڪاروبار تباهه ٿي رهيا آهن، پيٽرول ۽ ڊيزل قيمتن ۾ اضافي سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري ماڻهو خودڪشي تي مجبور آهن، دوائن جون قيمتون وڌائي غريب عوام کان علاج سهولتون کسيون پيون وڃن، سنڌ جو پاڻي چورائي ڪربلا برپا ڪري ڇڏي آهي. ڪرونا جي آڙ ۾ ٽرينون بند ڪري عوام کان سفري سهولتون کسي ورتيون آهن

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button