سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ذهني مريض همراهه جي ڳولا ۾ مدد لا وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ مسو حٻ جي رهواسين مبينا گم ٿيل ذهني مريض همراهه جي ڳولا ۾ مدد لاءِ ٻئي ڏينهن پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نعيم احمد ميراڻي پنھنجي پيرسن ما اشرف خاتون ۽ ٻين گهر ڀاتين سان گڏجي دانهيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ محمد ملوڪ ميراڻي نشي جو عادي هجڻ ڪري ذهني مريض بڻجي ويو آهي. هن الزام لڳايو ته گذريل 24 سيپٽمبر تي پوليس مختلف علائقن مان 70 کان وڌيڪ هيروئني گرفتار ڪري حيدرآباد گدو اسپتال علاج بهاني ٽرين تي چاڙهي وٺي وئي هئي، جتي انهن نشو واپرائيندڙ کي گدو اسپتال داخل ئي نه ڪرايو، جڏهن ته باقي سمورا نشي جا عادي لاڙڪاڻي آيا پر ڀاءُ جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته 8 ڏينهن کان اذيت ۾ مبتلا آهيون پر پوليس ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد نه پئي ڪري جيڪا وڏي ناانصافي آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button