سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاج

تعليم کاتي لاڙڪاڻي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي زاهد علي جهتيال، علي ڏنو گاد، آفتاب احمد منگي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي ۾سال 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي جي نگرانيءَ هيٺ پرائمري ٽيچر جي ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ڏيئي 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ رکي 5 ڀيرا لسٽون تبديل ڪري 15 لک عيوض جعلي ڊگرين، فيل اميدوارن ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙن کي آرڊر جاري ڪيا ويا. اهڙا ثبوت موجود آهن. هنن وڏي وزير، صوبائي وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته پرائمري ٽيچري جا آرڊر ڏئي روزگار ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button