سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ شهرين جو بااثر ماڻهن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي نظر محلي واسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن سڪندر جتوئي، سئوٽ علي محمد جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي الزام لڳايو ته مون لاڙڪاڻي جي صابر ڪالوني ۾ 6300 فوٽ پلاٽ بااثر وزير جتوئي کان 20 سال اڳ خريد ڪيو هو، پلاٽ جي سموري رقم ادا ڪري چڪو آهيان، جنهن پلاٽ تي اسان جا گهر ٺهيل آهن، ان مان باقي 1300 فوٽ پلاٽ خالي پيل آهي،جنهن تي بااثر زوري قبضو ڪيو آهي. هن الزام لڳايو ته بااثر وزير جتوئي پلاٽ جي پڪي لکت ڏيڻ لاءِ 54 هزار ورتا پر ان باوجود اڄ تائين لکت نه ڪري ڏني آهي. اهڙي دانهن پوليس عملدارن کي ڏنيون پر هن وقت تائين ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو آهي. ويتر بااثر وزير جتوئي رهيل 1300 فوٽ پلاٽ ۽ پڪي لکت گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button