سنڌ

پ پ ۾ شموليت ڪندڙ اڪبر راشدي جي ڳڙهي ۾ حاضري

فنڪشنل ليگ ڇڏي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪندڙ اڪبر راشدي جلوس ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري. نئون ديرو ٻاھران غلام شبير موھل، گڊو موھل جي اڳواڻي ۾ نئون ديرو وٽ استقبالي ڪئمپ لڳائي اڪبر شاهه راشدي جو استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي. ان موقعي تي اڪبر شاهه راشدي خطاب ڪندي چيو ته ھتي آڌر ڀا ڪرڻ تي پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو شڪر گذار آھيان. هن چيو ته فنڪشنل کي ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿيا آھيون جنھن جو ڪارڻ عوامي سطح تائين سياست ڪرڻ آھي. ھيٺين سطح تائين سياست ڪرڻ واري پ پ واحد جماعت آھي. پير پاڱاري جي عدم دلچسپي سبب فنڪشنل ليگ مان هيٺين سطح تائين واري سياست ختم ٿي وئي آھي. فنڪشنل ليگ مون کي رجيڪٽ نه ڪيو ھو. پير پاڳاري کان اجازت وٺي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيا آھيون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button