سنڌ

ڏوڪري ويجهو معصوم نينگري سان زيادتي جي ڪوشش

ڏوڪري ويجهو ڳوٺ گاجيدرو ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگري سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. فتح پور ٿاڻي تي متاثر نينگريءَ جي پيءُ اين سي داخل ڪرائي. ان سلسلي ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته اسان جي پاڙي جو نوجوان اسان جي گهر بجلي ٺاهڻ آيو هو، جنهن منهنجي ڌيءَ کي ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، معصوم ٻارڙي دانهون ڪيون تي گهرواري ۽ پاڙي وارا پهچي ويا. جن جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل نوجوان جو چوڻ آهي ته مان بيگناهه آهيان، مان صرف بجلي ٺاهڻ ويو هئس ته منهنجي مٿان ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي. هوڏانهن فتح پور پوليس ٻڌايو ته مبينا الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button