سنڌ

ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪنڌ ڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ھيبت روڊ ويجھو محمداڻي پوليس پڪٽ وٽ پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾مبينا مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس ھڪ ڏوھاري جاويد احمد چاچڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل برآمد ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او الياس اوڍو ٻڌايو ته پوليس روايتي گشت موجب ھبيت روڊ جي علائقي ۾ موجود ھئي ته ڏوھاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ھئا جن پولیس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنھن بعد پوليس جوابي فائرنگ ڪري ڏني پوليس ۽ ڏوھارين ۾ 15 منٽن تائين فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو، ھڪ جوابدار جاويد احمد چاچڙ کي زخمي حالت ۾ گرفتاري ڪري ورتو آھي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button