سنڌ

ٺٽي ۾ بيواهه عورت جو سهري ۽ ڏيرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ٺٽي ۾ بيواهه عورت سھري ۽ ڏير جي زيادتين خلاف نوجوان نياڻي سان گڏجي احتجاج ڪيو. ٺٽي جي ٽائون ھال ڀرسان رھائش پذير مريم بلوچ پنھنجي نوجوان ڌي پروشا سان گڏ پريس ڪلب ٺٽو پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سندس گھر وارو ڪجهھ سال اڳ ۾ وفات ڪري ويو آھي. جنھن بعد سھري ۽ ڏيرن سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، گھر مان بيدخل ڪري قبضو ڪرڻ چاھين ٿا. ھن چيو ته آئون ۽ ڌي پروشا مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڪري پئسا گڏ ڪري گھر جو ڪم ڪرايو، جنھن تي منھنجا ڏير ۽ سھرو قبضو ڪرڻ لاءِ حملا ڪرايا آھن. اڄ به پٿرن سان حملو ڪري تشدد ڪيو آھي، ديوار کي ھٿوڙا ھڻي نقصان پھچايو آھي. ھن آءِ جي سنڌ کان انصاف جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button