سنڌ

ڪشمور ۾ پاڪستان فلاح پارٽي پاران مهانگائي خلاف احتجاج

ڪشمور ۾ پاڪستان فلاح پارٽي پاران موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي، ڪرپشن ۽ مهانگائي خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي امانت زيب ڳالهائيندي چيو ته چونڊن کان اڳ عوام سان ڪيل واعدا ٽن سالن کانپو به پورا نه ٿي سگهيا آهن، 5 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين ڏيڻ وارا اعلان صرف اعلان ئي رهجا ويا آهن. موجوده حڪومت عوام جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، روزانو جي بنياد تي پيٽرول قيمتن ۽ عام واهپي جي شين ۾ واڌ سبب عوام کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي. يونيورسٽي فيس 6000 روپين مان وڌائي 50000 روپيا ڪرڻ تعليم دشمني جو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان فلاح پارٽي هر پليٽ فارم تان عوام تي ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز بلند ڪندي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button