سنڌ

جنگشاهي واسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو

جنگشاھي واسين زمين تي قبضي خلاف ٻارين ٻچين احتجاج ڪيو. ڳوٺ منگر خان پليجو جي رھواسين امجد پليجو، سرور پليجو، اُمِ عائشه، عجب خاتون، الياس پليجو، پروفيسر گلزار پليجو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.ھنن چيو ته سرڪار پاران جوڻيجو دور ۾ ڳوٺ آباد اسڪيم تحت زمين الاٽ ٿي، جنھن جا اصل ڪاغذ موجود آھن، ڄاڻايل زمين ۾ ڪجهھ پولٽري فارم ۽ 2 ڪمرا ٺھيل آھن پر ڳوٺ جي بااثر ماڻھن رٽائرڊ ڪاموري علي محمد پليجو ۽ عبدالله پليجو ساٿين سان گڏجي زمين تي زبردستي قبضو ڪري پولٽري فارم ۽ ڪمرا ڊاھي لکين رپين جو نقصان پھچايو آھي. بااثر قبضا مافيا مان جاني ۽ مالي خطرو آھي. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي تحفظ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button