سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙن جي شاعري تي مشتمل ڪتاب جي مهورتي تقريب

سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ پاران نوجوان اديب ۽ شاعر عيسيٰ ميمڻ جي ٻارڙن جي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ”ٽم ٽم تارا“ جي مھورتي تقريب پريس ڪلب ۾ ٿي گذري. تقريب کي ناليواري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ادل سومرو چيو ته جيڪڏھن سنڌي ٻولي ختم ٿي ته اسان جو وجود به ختم ٿي ويندو. ٻاراڻو ادب ٻوليءَ کي بچائڻ جو بھترين ھٿيار آھي. ھن چيو ته سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ٻاراڻي ادب جو ڪٿي به ذڪر ڪونھي. ھن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بچاءُ ٻاراڻي ادب لکڻ ۾ آھي، عيسيٰ ٻارڙن لاءِ ھي ڪتاب لکي سنڌي ٻولي جي بچاءُ ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيو آھي. ليکڪ عيسيٰ ميمڻ چيو ته ستين ڪلاس کان انٽر تائين ٻارڙن شاعري ڪئي، جيڪا ڪتابي صورت ۾ توھان وٽ پھتي آھي. هن چيو ته اڄ جو ٻار مشين ۾ دلچسپي رکي ٿو ان لاءِ ٻاراڻو ادب فيس بوڪ، ٽوئيٽر، انسٽا گرام، يوٽيوب ۽ ٻين ھنڌن تي به رکڻ گھرجي ته جيئن ٻار ان کي پڙھي سگھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button