سنڌ

حيدرآباد ۾ قاسم آباد واسين جو فراڊ ڪندڙ شخص خلاف احتجاج

قاسم آباد خالد هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسي اسرار احمد پنهور ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي برادري جي ماڻهن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته هن ڄامشورو واسي جهانزيب پنهور کان 7 مهينا اڳ 6 لک 50 هزار روپين ۾ هڪ ڪار خريد ڪئي هئي، پر هن ڪار جا ڪاغذ نه ڏنا، جنهن تي مون ڪار هن کي واپس ڪئي ۽ هن ٽن مهينن اندر پيسا واپس ڏيڻ لاءِ لکت ۾ چيو، پر هو پيسا واپس نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي جي چڱي مڙس فيصلو ڪري مون کي ڏيڍ لک روپين جو چيڪ وٺرائي ڏنو، پر اهو چيڪ به ڪوڙو نڪتو. هن چيو ته پيسا گهرڻ تي هاڻي هو مون کي جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن وس وارن کي انصاف جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button