سنڌ

آر اوز پ پ جا آهن، سول جج مقرر ڪيا وڃن:زين شاهه

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھه شهيد بينظير آباد جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن سان ڳوٺ مجيد ڪيريو سڪرنڊ ۾ ملاقاتون ڪيون. بلدياتي الڪيشن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا. ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ مقرر اي آر اوز ۽ آر اوز حڪومتي ڌر جا آهن، اهي هميشه پيپلز پارٽي جي جلسن ۾ ڏٺا ويا آهن. انهن کي هٽائي سول جج آر اوز مقرر ڪيا وڃن. هي رڳو اسان جي اميدوارن جا فارم رد ڪري رهيا آهن ته جيئن حڪومت ڌر جي اميدوارن کي فائدو ٿئي. سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. مايوسي ملڪ لاءِ تباهه ڪن ثابت ٿي سگهي ٿي. شعور مٿان لالچ حاوي ٿي رهي آهي. عام اليڪشن ويجهو نظر اچي رهي آهي. عمران خان جي حڪومت هٽائڻ باوجود هاڻوڪا حڪمران مونجهاري جو شڪار آهن. ملڪ جو حالتون خراب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ مختلف ضلعن ۾ مختلف تنظيمن سان بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ڳالهيون هلندڙ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button