عالمي

گڏيل قومن جي ڌيان نه ڏيڻ سبب ڪشميري اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سلامتي ڪائونسل ۾ امن ۽ سلامتي بابت بحث ۾ گڏيل قومن تي زور ڀريندي چيو آهي ته هن اداري پاران ڪارروائي نه ٿيڻ سبب ڪشميري پنهنجي وطن ۽ گهر۾ اقليت ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران امن ۽ سلامتي بابت مباحثي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پائيدار ترقي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏهاڪي دوران ڪيترن ئي بحرانن کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ڪرونا وائرس، معاشي بحران، وڌندڙ قيمتون ۽ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ اثرن جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو، 30 سالن ۾ غربت ۽ بک ۾ بدترين اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وڏين طاقتن جي وچ ۾ وڌندڙ جهيڙي اڪثر ڪري سياسي ڳالهين کي منجمد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي سلامتي ڪائونسل مفلوج نظر آئي آهي، پراڻا تڪرار ختم ٿيندا آهن ته نوان تڪرار پيدا ٿيندا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تحت 76 سال اڳ پيدا ٿيل ورلڊ آرڊر کي ڊاهيو پيو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ اقوام متحده وجود ۾ آئي هئي. گڏيل قومن جي مقصد ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي هن چيو ته تڪرار جو حل، جنگ جو خاتمو، امن قائم ڪرڻ، بک، غربت ۽ پسماندگيءَ سان وڙهڻ آهي. هن چيو ته تڪرارن جي ڪري انساني بحرانن جنم وٺي رهيا آهن ۽ خوراڪ جي کوٽ جو سبب بڻجي رهيا آهن، اسان ان سلسلي ۾ قيادت لاءِ گڏيل قومن ڏانهن ڏسندا آهيون. هن چيو ته يوڪرين جا ماڻهو اتي جاري تڪرار سبب بک مري رهيا آهن، افغانستان جي 95 سيڪڙو آبادي تڪرار جي ڪري سڌيءَ ريت خطري ۾ آهي. بلاول ڀٽو چيو ته والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي علائقي جا ماڻهو مسلسل تڪرارن سبب قيد آهن ۽ بک سميت بربريت جو شڪار آهن. هن چيو ته ڪشمير مسئلو ان اداري جي غير فعالي جو هڪ مثال آهي، ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019 ۽ 5 مئي 2022 تي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضو نه رڳو ڪشميرين جي توهين آهي پر گڏيل قومن جي به توهين آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ ان جي قراردادن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي توهين آهي، عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار خطي ۾ اداري طرفان قدم نه کڻڻ ان جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته هن اداري طرفان ڪارروائي نه ٿيڻ سبب ڪشمير جي مسلمان اڪثريت پنهنجي ڌرتي ۽ گهر ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ڪشمير مسئلي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جا نوجوان سوال ڪري رهيا آهن ته هي تڪرار ڪير حل ڪندو ۽ انهن سان ڪيل امن جو واعدو ڪير پورو ڪندو. هن چيو ته اسان کي خوراڪ جي تحظ جي لا پريشان آهيون، ڪشمير مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جا دروازا کوليا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button