سنڌ

سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف عوامي جمهوري پارٽي جا مظاهرا

عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي سڏ تي پوري سنڌ ۾ هزارين ڪارڪنن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو ڇوڙ نه ڪرڻ، واهن ۽ شاخن کي پاڻي نه ڏيڻ سان گڏ پوري سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري گهر ڪئي آهي ته سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ واري سازش بند ڪري 91ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. اي جي پي جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، ميهڙ، بدين سکر، ڪوٽڙي، نوشهرو فيروز ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ميهڙ ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ لال شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن نٽهڻ اس ۾ انڊس ها وي تي ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سيد لال شاهه وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران سازش ڪري سنڌو درياهه کي سڪائي رهيا آهن. چشما جهلم لنڪ ڪئنال هن وقت به پنجاب وهائي سنڌ جو پاڻي کڻي رهيو آهي، سنڌ کي پاڻي ڍڪ لا سڪايو پيو وڃي، اي جي پي پوري سنڌ ۾ پورو هفتو پاڻي لا احتجاج ڪندي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ ڪا به ناهي پر سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. مرڪزي سڏ تي اي جي پي ڪراچي ڊويزن طرفان ڊويزنل صدر لعل محمد چانڊيو، مرڪزي نائب صدر رشيد سڌايو، حريف خان چانڊيو، غلام قمبر حاجاڻو، ڊاڪٽر ظفر قادري، مرڪزي سينيئر نائب صدر ايس ايس او گلاب راءِ، درياخان شيخ، رضا جعفري، فرحان عباسي، ايڊووڪيٽ ظهور کوسو، ڪامريڊ پوڙهو مل، حافظ ڪريم رخشاڻي، نثار احمد چنا، ڪرشن مهيشوري، اصغر سڌايو، ايس ايس او اڳواڻ مڪيش ڪمار، نظير جلباڻي ۽ محمد علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ ڪري زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن. واپڊا ۽ ارسا جي زيادتين جي ڪري فصل تباهه ٿي رهيا آهن. اڳواڻن خطاب چيو ته سڄي سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ٿي رهيو آهي، 91ع واري ٺاهه موجب سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڏڪار واري صورتحال آهي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاق ارسا جي ڏڍ تي پنجاب سنڌو درياهه تي غير قانوني، غير ضروري فقط پنهنجي مالي مفادن خاطر ڪيترائي ڊيم بئراج ۽ لئنڪ ڪئنالون ڪڍي ۽ وهائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. پاڻي جي اڻهوند سبب ڪئنالز، شاخن ۽ واهن جا پيٽ سُڪي ويا، پُڇڙيءَ جي آبادگارن جا پوکيل فصل تباهه ٿي رهيا آهن. نوشھروفيروز ۾ ضلعي صدر ذوالفقار راڄپر، جنرل سيڪريٽري اقبال ڏھراج، ماھنور شيخ، نور راڄپر، رياض مھر، وقار سولنگي، امير راڄپر ۽ مومن محبتيٰ کوسو سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بدين ۾ مرڪزي اڳواڻن خادم ٽالپر، ڊاڪٽر اسلم پرويز، قربان پنهور، سکر ۾ شاهه محمد انڍڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته درياهه ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، جيڪو پاڻي ملي ٿو، اُهو به آبپاشي عملدار بااثرن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، غريب آبادگار ڪيڏانهن وڃن. هنن چيو ته پاڻي جي عالمي قانون تحت درياءَ تي وهريون حق لوئر ريپريئن يعني هيٺانهين وارن علائقن يا پڇڙ جو آهي. انڪري سنڌ جو پاڻي تي حق سب کان وڌيڪ مڃي ويندي آهي ۽ سندس منظوري کانسواءِ پنجاب يا ٻيو ڪو مٿيون علائقو ڪو به منصوبو جوڙي نٿو سگهي. هنن اهو نه چيو ته سنڌ حڪومت ۾ ويٺل ڪيترائي بااثرواهن ۽ شاخن مان سڌا سنوا غير قانوني واٽر ڪورس ڪڍن ٿا، جنهن ڪري سنڌ هڪ حساب سان داخلي مسئلي جو شڪار پڻ آهي. پاڻي کوٽ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ننڍا آبادگار ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته وڏا آبادگار طاقت وسيلي پاڻي حاصل ڪري وٺن ٿا. پاڻي کوٽ مسئلو ايڏو سنگين آهي، جو ان معاملي تي قتل ٿيڻ سان گڏ قبائلي تڪرار پڻ پيدا ٿيندا آهن، تنهنڪري اهڙي حساس مسئلي کي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ ۽ حل جي ضرورت آهي. آبپاشي کاتي ۾ جيستائين سخت طريقي سان قدم کڻي سڌارا نه آندا ويندا، تيستائين پاڻي کوٽ جي صورت ۾ عام ماڻهن ۽ غريب هارين مٿان معاشي موت جي تلوار اٽڪيل رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button