سنڌ

باقراڻي ويجهو مڙس زال کي گهٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو

باقراڻي ويجهو ڳوٺ حڪيم سنديلو ۾ جوابدار مڙس محمد سومرو گھرو اڻبڻت تان پنهنجي زال 40 ورھين جي زيبا عرف بيبي سومرو کي گھٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس واقعي پھچي مقتولا زيبا جو لاش کڻائي ڏوڪري اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، مقتولا جو لاش اباڻي شھر خير محمد آريجا پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. مقتولا عورت زيبا سومرو جي ڀاءُ محمد عمر صحافين کي ٻڌايو ته ظالمن بيگناهه ڀيڻ زيبا عرف بيبي کي تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي ۽ اسان کي صبح جو اطلاع ڏنو ويو ته توهان جي ڀيڻ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي آهي، اسان گهر پهتاسين ته ڀيڻ جو منهن ڏسڻ کان روڪيو ويو، اسان کي شڪ ٿيو ته پوءِ اسان زوري منهن ڏٺو ته سندس ڳلي ۾ گهٽن ۽ جسم تي تشدد جا نشان هئا، جنهن بعد اطلاع تي پوليس پهتي. ھن ٻڌايو ته پوليس اچڻ کان اڳ ئي جوابدار فرار ٿي ويا. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غلام سرور گوندل ٻڌايو ته جوابدار محمد سومرو پنهنجي زال زيبا کي گھٽا ڏيئي قتل ڪيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button