سنڌ

وارهه ۾ جيالن جو نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

وارهه ۾ پيپلزپارٽي جي پراڻي جيالي غلام الله مگسي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ تي مقامي قيادت خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي غلام الله مگسي، عامر مگسي ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي جي مرڪزي احتجاجن، ورسي ۽ سالگرهه جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندا آهيون، هتان جي مقامي قيادت فون ڪري پروگرامن ۾ شرڪت لا گهرائيندي آهي پر تازو ننڍي گريڊ ۾ آيل نوڪرين ۾ مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي. هتان جي مقامي عهديدارن 12 نوڪريون پنهنجي گهرن ۾ ڏنيون آھن، باقي من پسندن حوالي ڪري ڇڏيون آھن. اسان کي ڪي دوست چون ٿا اوهان مگسين جا ماڻهو آهيو، ڪي چون ٿا چانڊين جي نمائندن ڏانهن وڃو، پر اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان پ پ جا ورڪر آهيون ڪنهن شخصيت جا ماڻهو ناهيون اسان صرف جيالا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button