سنڌ

باقراڻي واسي پورهيت جو نوڪري لاءِ ٻارڙن سميت احتجاج

باقراڻي واسي درزڪو ڪم ڪـري پيٽ گذر ڪندڙ پورھيت اختيار علي ڪنڀر سرڪاري نوڪري ۽ مالي سهائتا لاءِ معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. پورھيت چيو ته مون کي 10 ٻارڙن جو اولاد آهي ۽ مان درزڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان پر مھانگائي سبب ٻچن جو پيٽ پالڻ ۽ تعليم ڏيارڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، گهر ڀاتين سميت مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندو آهيان. موجوده حالتن سبب ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هن پ پ چيئرمين بلاول، وڏي وزير سميت اختيارين کي اپيل ڪئي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري تي عمل ڪرائي سرڪاري نوڪري ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button