سنڌ

قاضي احمد ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

قاضي احمد ويجهو ڳوٺ محرم لنڊ ۾ 2 ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 3 ڄڻا نور محمد لنڊ، رضا محمد لنڊ ۽ عبدالله لنڊ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نور محمد لنڊ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته ڌرين ۾ فيصلو رکيل ھو ۽ فيصلي ئي دوران ڪنهن ڳالهه تان ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button