
منهڙو ويجهو ڦل-منهڙو روڊ تي تيز رفتار موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب معصوم نينگري سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ ڦل واسي علي حيدر ھاليپوٽو، سچل ھاليپوٽو، معصوم نينگري ۽ پيرسن عورت شامل آھن. پيرسن عورت جي ڄنگھه ڀڄي پئي، جن کي مقامي ماڻھن منھڙو اسپتال پھچايو، جتي فرسٽ ايڊ ڏئي زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.