سنڌ

شاهپورجهانيان ۾ رٽائرڊ استاد جي اڪائونٽ مان 80 هزار نڪري ويا

شاهپور جهانيان ويجهو نئون گچيرو واسي رٽائرڊ عربي ٽيچر مولوي محمد خان چنڊ پئسا ڪڍرائڻ لا اي ٽي ايم ۾ ويو ته ساڻس گڏ بيٺل اڻڄاتل شخص سندس اي ٽي ايم تبديل ڪري ڇڏيو، اڌ ڪلاڪ بعد محمد خان چنڊ جي موبائيل تي سندس اڪائونٽ مان 50 هزار روپيا نڪرڻ جو مئسيج آيو، پاڻ جيستائين بينڪ پهتو تيسيتائين اڪائونٽ ۾ پيل بقايا 30 هزار به بشني ڪڍي ويا. متاثر محمد خان چنڊ ٻڌايو ته مان الائيڊ بينڪ مورو مان پئسا ڪڍرائڻ لا اي ٽي ايم تي پهتس، ان دوران منهنجي پويان ٻيو شخص به اي ٽي ايم ۾ داخل ٿيو، جنهن منهنجو اي ٽي ايم ڪارڊ لڪائي ان جي جا تي بند ڪارڊ مون کي ڏئي گم ٿي ويو. مان جڏهن واپس گهر پهتس ته منهنجي موبائيل تي 50 هزار نڪرڻ جو مئسيج آيو، مان يڪدم بينڪ پهتس ته ان دوران 30 هزار ٻيا به اڪائونٽ مان نڪري ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button