سنڌ

شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو وڃي:امتياز شيخ

لياري ۽ گلشن معمار جي علائقن جي بجلي جي حوالي سان مسئلن جي حل لاءِ هڪ اجلاس ڪالهه وزير توانائي سنڌ امتياز احمد شيخ جي صدارت هيٺ توانائي کاتي سنڌ جي آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ لياري مان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري ۽ ٻين عهديدار پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس علوي ۽ ان جي ٽيم جا ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ لياري ۽ گلشن معمار جي علائقن ۾ بجلي جي وڏي لوڊشيڊنگ، وڌيڪ بلنگ، ٽرانسفارمر نه هجڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عوامي شڪايتن جي ڪري سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ هدايتون ڏنيون آهن ته ڄاڻايل شڪايتن کي هر صورت ۾ حل ڪيو وڃي ۽ عوامي جي تڪليفن جو احساس ڪندي ريليف پائيدار قدمن کي عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان مقصد لاءِ ڪي- اليڪٽرڪ آفيسرن ۽ علائقي جي نمائندن سان گڏ انهن علائقن ۾ ڪيمپ لڳائي ڪري ماڻهن جا مسئلا موقعي تي ئي ٻڌن ۽ حل ڪرڻ جو موثر پروگرام جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڄاڻايل علائقن ۾ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ مقامي نمائندن ۽ ڪي- اليڪٽرڪ آفيسرن جي وچ جي رابطن جي ذريعي مسئلن جي نشاندهي ۽ ان جي حل جي تجويزن جي ڏي وٺ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button